شاهه عثمان قريشي سهروردي

شاهه عثمان قريشي، سهروردي: مخدوم شاهه عثمان ولد ميان بهاؤالدين قريشي، 25 ربيع الاول 590 هه/ 20 مارچ 1194ع ۾ باگڙجي (موجوده ضلعي سکر) ۾ ڄائو. سندس وڏو ڏاڏو شيخ المشائخ محمد صديق مڪي کان هجرت ڪري سنڌ آيو هو. روايت آهي ته هڪڙي ڏينهن مخدوم شاهه عثمان کي هڪ مست مجذوب بشارت ڏني ته تون واصل بالله ٿيندين، تنهنڪري تون ملتان وڃي شيخ المشائخ حضرت بهاؤالدين زڪريا جي خدمت ۾ حاضر ٿي. مخدوم عثمان ٻئي ڏينهن صبح جو ملتان روانو ٿيو ۽ شيخ بهاؤالدين زڪريا ملتانيءَ جي خدمت ۾ حاضر ٿيو. مخدوم بهاؤالدين زڪريا به ساڻس محبت سان پيش آيو. جنهن هن کي ڇهه سال شرعي علمن: تفسير، حديث ۽ فقھ جي تعليم ڏني. جڏهن شاهه عثمان علم پڙهي پورو ڪيو ته ٻه سال وري تصوف ۽ توحيد جا سبق پڙهيائين. حضرت غؤث بهاؤالدين زڪريا سندس تمام گھڻو خيال رکندو هو، اٺن سالن کانپوءِ کيس خلافت جو خرقو ڍڪايائين ۽ کيس سنڌ ۾ وڃي اسلام جي خدمت ڪرڻ جي هدايت ڪيائين. ملتان مان موڪلائي شاهه عثمان باگڙجيءَ آيو، جتي هزارين ماڻهن سندس استقبال ڪيو ۽ اتي رهي درس تدريس جو سلسلو شروع ڪيائين. مخدوم شاهه عثمان رجب 663هه/مطابق اپريل 1265ع ۾ وفات ڪئي. جنهن کانپوءِ سندس فرزند مخدوم صدرالدين قريشي سجاده نشين ٿيو. مخدوم شاهه عثمان قريشي سهرورديءَ جي مزار سکر شهر کان چار ڪلوميٽر پري سکر شڪارپور روڊ تي اولهه طرف ڳوٺ فراش ۾ موجود آهي. سندس مزار تي اڏيل قبو فن تعمير جو نادر نمونو آهي. هن وقت پير فيض احمد قريشي هاشمي گادي نشين آهي.
هر سال 27 رجب تي ڳوٺ فراش ۾ ‘مخدوم شاهه عثمان ادبي ڪانفرنس’ منعقد ٿيندي آهي، جنهن ۾ عالم، اديب ۽ شاعر مخدوم صاحب بابت پنهنجون تحريرون پڙهندا آهن.
سندس شخصيت تي هن وقت تائين ڪيترائي ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن، جن ۾: (1) سوانح حيات مخدوم محمد عثمان قريشي، (ليکڪ: اورنگزيب مهر)، (2) مخدوم شاهه عثمان قريشي فراش (ليکڪ: الله آءِ سومرو'>حزب الله آءِ سومرو)، (3) مقالا مخدوم شاهه عثمان قريشي فراش، (مرتب: حاجي عبدالحميد سومرو)، (4) سوانح حيات مخدوم صدر شاهه عثماني قريشي، (ليکڪ: علامه عبداللطيف سڪندري)، (5) عقيدت جا گل (مرتب: حاجي عبدالحميد سومرو)، (6) سوانح حيات مخدوم صدر شاهه عثماني قريشي سهروردي (ليکڪ: ڪاشف حسين سومرو)، (7) سنڌ جو ولي ڪامل حضرت مخدوم صدر شاهه عثماني قريشي، سهروردي، فراشي (ترتيب: عبدالجبار عبد ۽ ارباب علي ‘عادل’ چوهاڻ) شامل آهن.


لفظ شاهه عثمان قريشي سهرورديھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1194.03.20  عيسوي

مخدوم شاهه عثمان ولد ميان بهاؤالدين قريشي، 25 ربيع الاول 590 هه/ 20 مارچ 1194ع ۾ باگڙجي (موجوده ضلعي سکر) ۾ ڄائو. مخدوم شاهه عثمان رجب 663هه/مطابق اپريل 1265ع ۾ وفات ڪئي



صوفي بزرگ ۽ سندن سلسلا - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سهروردي سلسلو
خواجه عبدالحميد
بقا بالله
صابر سومرو
شطاري
داتا گنج بخش هجويري
سلام الله شاهه ’ٿر ڌڻي‘
بايزيد بسطامي
الهام
حاجن شاهه بخاري سيد
صوفي بزرگ ۽ سندن سلسلا ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون